اها شام

اها شام (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي محبوب ۽ مقبول ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا جي ستن ڪهاڻين تي مشتمل ڊيمي سائيز جي 116 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، ”ڪونج ڪتابي سلسلي“ جو چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو پرڪاش. ايڇ موٽواڻيءَ، ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ پاران، انقلاب پرنٽنگ پريس الهاس نگر 3 مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سال 1981ع، قيمت 8 رپيا آهي. موهن ڪلپنا هن ڪتاب جي منڍ ۾ ”سنڌي ادبي مڪتبن جو بين السطور“ عنوان سان هڪ مختصر مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ’منهنجي ڪهاڻين ۾ انساني رشتن جا ڪي حلقا آهن، ۽ استري ۽ پرش (زال ۽ مڙس) جي باهم رشتي تي هن مجموعي اندر ان هڪ حلقي جو فقط هڪ جزو ئي ملي سگهي ٿو. ان کان وڌيڪ دعويٰ ڪرڻ جي جرئت مان نٿو رکي سگهان‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو